شيخ محمد محفوظ ٺٽوي

شيخ محمد محفوظ ٺٽوي : شيخ محمد محفوظ تخلص ’سرخوش ‘ شيخ محمد مريد جو پٽ هو . محمد مريد اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو ، هي نومسلم راءِ زادو ، اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ قانون گوئيءَ جي عهدي تي رهيو ۽ ٺٽي ۾ وفات ڪيائين . بيحد خوش ، هر هڪ ماڻهوءَ سان ، پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو ، نهايت نيڪيءَ سان پيش ايندو هو . ٺٽي جي شاعرن ۾ سندس وڏو مقام هو . ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ کيس وڏو مرتبو ۽ مان حاصل هو . ۽ خاص ڪري درٻاري هجڻ جي ڪري کيس سرڪاري سفارت يا وڪالت لاءِ ٻين ملڪن ۾ به وڃڻو پوندو هو . هڪ دفعي ميان غلام شاهه جي وڪالت سان ڪابل ۾ سردار جهان خان افغان وٽ مهمان ٿي ويو هو ، مير قانع ۽ غلام علي مداح جو همعصر هو . شروع ۾ ’فدائي ‘ تخلص ڪم آڻيندو هو بعد ۾ سرخوش تخلص اختيار ڪيائين . سندس شمار ٻارهين صديءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو